ڪرمپور واسي 9 ڪاٺير پورهيت ڪچي مان اغوا، ڌاڙيلن وڊيو به وائرل ڪري ڇڏي
فيبروري 12, 2025
ڪرمپور/رستم/خانپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي+ طيب جتوئي+ عاصم دايو ) ڪرمپور ڀرسان ڪچي مان ڪاٺيون ميڙڻ جي لاءِ ويندڙ 9 پورهيت اغوا، ڌاڙيلن ڪچي ۾آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳڙھي تيغو واري علائقي ڏڪ بند وٽ هٿياربند ڪرمپور واسي 9 ڪاٺيرن کي اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيلن ۾ ديدار ملڪ، نظام، هزارو، حضوربخش، امام بخش، حفيظ ملڪ، سهيل شيخ، رمضان ۽ جمعو چاچڙ شامل آهن، اغوا ٿيل پورهيت روزانو ڪچي مان ڪاٺيون ميڙي گڏھ گاڏن تي کڻي شهر ۾ وڪرو ڪري گذارو ڪندا هئا، ڪجھه پورهيتن ٿوري فاصلي تي هجڻ سبب هٿياربندن کي ڏسي پوئتي ڀڄي پنهنجي جان بچائي، جن واپس اچي وارثن کي اطلاع ڪيو، اطلاع بعد مغوين جي وارثن پهچي بيٺل گڏھه گاڏا واپس ڪاهي آيا، اهڙو اطلاع پوليس کي به ڏنو ويو، مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته غريب آهيون، روزانو ڪچي مان ڪاٺيون ميڙي وڪرو ڪري گذارو ڪندا آهيون، ڪنهن جي خلاف ڳالهائي به نه ٿا سگهون، ٿي سگهي ٿو ڏوهاري مغوين کي نقصان پهچائين، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
ڊرامو ٿو لڳي، پورهيت ڏوهارين وٽان وڻ ڪٽي وڪرو ڪندا هئا: پوليس
رستم: ناپرڪوٽ پوليس فوري طور اسٽيٽمينٽ جاري ڪندي اغوا معاملي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، ڪوٽ شاھو پوليس چيو ته اغوا واقعو گڏيل حدن مان ٿيو آھي، تنھنڪري ٻنھي ٿاڻن جي پوليس پاران مسئلي بابت جاچ ڪري رھيا آھيون، پر ناپرڪوٽ پوليس جو چوڻ ھو ته ڪوبه اغوا واقعو ناھي ٿيو، اغوا ڄاڻايل گڏھ گاڏن وارن کي ڪيترائي ڀيرا ڪچي وڃڻ کان روڪڻ باوجود ھو نه مڙيا، سمورا پورھيت ڏوھارين وٽان وڻ ڪٽي ڪرمپور ۾ وڪرو ڪري کين پئسا پھچائيندا آھن، جنھن ڪري معاملو ڊرامو لڳي ٿو پر تنھن باوجود به پوليس پاران جاچ ڪئي پئي وڃي.
مغوين جي وڊيو وائرل: ڌاڙيلن طرفان آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبو
ڪرمپور: اغوا ڪيل 9 پورهيتن جي ڌاڙيلن وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، وڊيو ۾ مغوين کي جهنگ ۾ قيد ڪري پوليس کان ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، وڊيو ۾ مغوين هٿ ٻڌي ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ ڊرون حملا فوري طور بند ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ڌاڙيل نقصان پهچائيندا، مغوين جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ وارثن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي
ڪچي وڃڻ کان روڪيو هو، پورهيت نه مڙيا، جلد بازياب ڪرائينداسين: پوليس
ڪرمپور: پورهيتن جي اغوا بابت ايس ايس پي شڪارپور جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن هلندڙ آهي، پوليس پاران عام ماڻهن کي ڪچي طرف نه وڃڻ جي هدايت ڪئي هئي تنهن باوجود ڪاٺير وڃڻ کان نه مڙيا، آپريشن ۾ ڏوهارين جو گهڻو نقصان ٿيو آهي، ڪجھه ڌاڙيل مارجي ويا آهن، ڪيترائي زخمي آهن، پوليس ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪري ٺڪاڻا پٽ ڪيا ويا آهن، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته آپريشن روڪڻ لاءِ ڌاڙيلن غريب پورهيتن کي يرغمال بڻائي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو آهي، ڊرون حملن سبب ڌاڙيلن کي لڪڻ جي جاءِ نه ٿي ملي، پورهيتن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.
ڪوٽ شاهو واري علائقي مان اغوا ٿيلن جو انگ 11 ٿي ويو
رستم: نو پورهيتن بعد ڪوٽ شاھو واري علائقي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آھي، 27 جنوري جي ڏينھن ڏوھارين پاران ساڳئي ڪوٽ شاھو واري علائقي ۾ قائم ڳوٺ شعبان ڪرسي جتوئي مان پورھيت ڪاموري اوڏ ۽ سندس 6 ورھين جي پٽ انصاف اوڏ کي اغوا ڪري ورتو ھو، جيڪي به ھن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آھن.
اغوا واقعي بعد پوليس وچ ۾ حدبندي جو تڪرار پيدا ٿي ويو
رستم:ڌاڙيلن وٽان ڀڄي نڪتل پورھيت وليداد خان موجب سندس 9 ساٿين ڳوٺ الھوڌايو چاچڙ واسي محمد رمضان پٽ برڪت چاچڙ ۽ سندس ڀاءُ جمعا خان چاچڙ سميت ڪرمپور شھر واسين ديدار علي ملڪ عبدالحفيظ ملڪ ھزار خان ملڪ نظام الدين ملڪ سھيل احمد شيخ ۽ حضور بخش ملڪ کي گڏھ گاڏن سميت اغوا ڪري کين ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، اغوا واقعي بعد ڪوٽ شاھو ۽ ناپرڪوٽ پوليس وچ ۾ حدبندي جو تڪرار پيدا ٿي ويو.
ڪچي ۾ ڊرون ذريعي مارٽر گولا فائر ٿيڻ سبب ڌاڙيل خوف جو شڪار
ڪرمپور: ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن دوران پوليس طرفان ڊرون ڪئمرا ۾ مارٽر گولا وجھي فائر ڪرڻ سبب ڌاڙيلن جون ننڊو حرام ٿي ويون آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڌاڙيل پوليس جي ڊرون حملن سبب خوف جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن سبب آپريشن کي روڪڻ جي لاءِ پورهيت کي اغوا ڪيو ويو آهي.