ڪرمپور ويجهو ڌاڙيل هڪ وڌيڪ ڳوٺاڻو اغوا ڪري ويا

آگسٽ 10, 2023

ڪرمپور(رپورٽر) ڪرمپور ويجهو ڌاڙيل هڪ وڌيڪ ڳوٺاڻو اغوا ڪري ويا، گهرن ۾ ماتم مچي ويو

تفصيل موجب ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ڪيڊٽ ڪاليج ڀرسان رهندڙ پورهيت جانب چاچڙ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا

پورهيت جي اغوا جي اطلاع بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته جانب چاچڙ ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ڪاٺيون ميڙڻ ويو جتان هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آهن

هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ، وڏو وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺي پوليس کي بازيابي لاءِ هدايتون جاري ڪن

لاڳاپيل پوسٽون

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ

  • سنڌ حڪومت طرفان باڪسر عاليه سومرو کي 4.65 لکن جو چيڪ ڏنو ويو