ڪرمپور ويجهو 2 ڀائر اغوا، ناپرڪوٽ ۽ فيضو پوليس ۾ حد تان تڪرار، مغوين جي مائٽن جو احتجاج

مَي 21, 2023

ڪرمپور( ن پ ا) ڪرمپور ويجهو مڇي جي فارم تان ڌاڙيل ٻن ڀائرن کي اغوا ڪري ويا، پوليس حدبندي جي تڪرار خلاف مغوين جي مائٽن احتجاج ڪيو

عبدالرحيم جعفري ۽ ابراهيم جعفري مڇي فارم تي ستل هئا جتان هٿياربند ٻنهي کي اغوا ڪري ويا

اغوا ٿي ويلن جي مائٽن طرفان پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن تي ناپرڪوٽ ۽ فيضو پوليس ۾ حدبندي جو تڪرار پيدا ٿي ويو

عبدالرحيم جعفري ۽ ابراهيم جعفري جي مائٽن پاران انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو.

اغوا تي ويلن جي مائٽن چيو ته پوليس حد تڪرار ڄاڻائي اسان جي نوجوانن جي بازيابي لاءِ تحرڪ نه پئي وٺي، وس وارا نوٽيس وٺن

Leave A Comment