| ڪرمپور ويجھو مبينا پوليس مقابلو، بدنام ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ |
ڪرمپور (ن پ ا)ڪرمپور ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ، پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل علي مدد عرف بدلو جعفري مارجي ويو، پوليس موجب ڪرمپور ۽ جمال واري علائقي ۾ ڏوهي وارداتن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ضلعي جي پوليس پاران آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، پوليس پاران جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڏوهي وارداتن ۾ ملوث بدنام ڏوهاري علي مدد عرف بدلو جعفري مارجي ويو ۽ سندس ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، مارجي ويل جو لاش جهنگ ۾ پيل هو، جنهن کي بعد ۾ وارث کڻائي ويا. جڏهن ته پوليس مارجي ويل جو لاش هٿ نه ڪري سگهي.