ڪرمپور ويجھو ٻيجارو پوکڻ جي ڳالهه تان جھيڙو، ڳوٺاڻو قتل، 5 ڄڻا زخمي
مَي 23, 2025
ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجھو بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين ۾ ٻيجارو پوکڻ جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان ڏس ۾ شبيرآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب بنگلاڻي ۾ معمولي ڳالھه تان بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ علي بخش بنگلاڻي برڪت، بشير ۽ نظير بنگلاڻي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ، جڏهن ته لاڙڪاڻي اسپتال نيئندي علي بخش بنگلاڻي دم ڏئي ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان شبير آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ عزيز آهن، جن ۾ زمين ۾ ٻيجارو پوکڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.