ڪرمپور( ن پ و) ڪرمپور ويجهو راڪيٽ فائر ٿيڻ باوجود پوليس هڪ ڌاڙيل کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ٻيا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
پوليس جو چوڻ آهي ته ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاءِ وي تي بيٺل هٿياربندن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي ۽ راڪيٽ هلايا جنهن جي جواب ۾ اهلڪارن جوابي فائرنگ ڪري ڏني
پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ڏوهاري فرار ٿي ويا، مقابلي واري هنڌ تي رت جا نشان به هئا جنهن مان لڳي ٿو ته هٿياربند زخمي ٿيو آهي
علي نواز جي مائٽن پاران پوليس تي نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ وارين دانهن بعد پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي ۾ علي نواز ئي مارجي ويو هو جنهن کي ساٿي کڻي ويا هئا
علي نواز جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي نوجوان کي مقابلو چاڻائي ماري ڇڏيو آهي