ڪرمپور پوليس پاران هرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڊسمبر 14, 2023

ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور پوليس هڪ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ڳوٺ نصرالله بجاراڻي واسي نوجوان مينهل گهنيو کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪئي آھي

 پوليس موجب ڌاڙيل مغوي کي هنڌ تبديل ڪرڻ لاء کڻي وڃي رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري مقابلي بعد مغوي کي بازياب ڪرايو آهي

 بازياب ٿيل نوجوان کي ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ پهچايو ويو جتان کيس وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جي گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ خوشي وارو ماحول هو

Leave A Comment