ڪرمپور ۽ ڪشمور جا مغوي بازياب نه ٿيا، وارثن ۽ ڳوٺاڻن جا ڌرڻا

جُون 21, 2023

ڪشمور/ ڪرمپور(نمائندن وٽان) ڪشمور جو نوجوان مريد دستي ۽ ڪرمپور جو نوجوان عبدالرحمان جعفري بازياب نه ٿيڻ سبب وارثن ۽ ڳوٺاڻن ڌرڻا هڻي پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن

ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد به بازيابي نه ٿيڻ تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي سوال اٿاري ڇڏيا آهن

ڪشمور مغوي نوجوان جي بازيابي ڪشمور جي ڊکڻ بنگلو واري علائقي مان 2 ھفتا اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل نوجوان مريد دستي جي بازيابي لاءِ وارثن پاران ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون آهن

وارثن موجب پوليس مغوي نوجوان مريد دستي جي بازيابي لاءِ صرف ٺلھا آسرا ڏيئي رهي آهي پوليس پنهنجي اھلڪارن کي به اغوا ٿيڻ کان نٿي بچائي سگهي آهي جيڪو پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي

ڪشمور واسي نوجوان مغوي مريد دستي جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي روڊ بلاڪ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پنجاب بلوچستان ڪي پي ڪي طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي

ٻئي طرف ڪرمپور ڀرسان اغوا ٿيل نوجوان عبدالرحمان جعفري  بازياب نه ٿي سگهيو جنهن سبب مغوي جي وارثن انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

بگن خان لاڙو وٽ جعفري برادري جي سوين ماڻهن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو، ڌرڻي سبب ڪنڌڪوٽ شڪارپور روڊ تي ٻنهي پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان عبدالرحمان جعفري کي هڪ هفتو اڳ هٿياربندن شيرمحمد لاڙي وٽ اغوا ڪيو هو

هفتو گذري وڃڻ باوجود ڪرمپور پوليس مغوي جي بازيابي لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو

Leave A Comment