ڪرمپور( ن پ ا) ڪرمپور ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا
ڳوٺ بصر اوڳاهي ۾ ارڙي وگهي جمشير اوڳاهي جا ٻارڙا 6 ورهين جي خالده ۽ 5 ورهين جو نديم فوت ٿي ويا هڪ ئي گهر ۾ ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو
فوتي ٻارڙن جي والد جمشير اوڳاهي چيو ته ڌيء ۽ پٽ ارڙي ۾ فوت ٿي ويا وڌيڪ ٻه ٻار شاهده ۽ صاحب ارڙي جي مرض ۾ مبتلا آهن
ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ صحت کاتي طرفان ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي وبا تي ضابطو آندو وڃي