ڪرمپور ۾ نوجوان جي قتل جو نبيرو: جوابدار ڌر تي هڪ ڪروڙ 48 لک ڏنڊ مقرر

جنوري 29, 2024

ڪرمپور (ن پ ا)ڪرمپور ۾ بجاراڻي هائوس تي مقتول ميرخان جعفري جي وارثن ۽ بنگوار برادري هلندڙ تڪرار جو نبيرو ٿيو، احمد علي بنگوار ڌر مٿان ميرخان جعفري جو خون ثابت ٿيڻ تي مٿس هڪ ڪروڙ 48 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڪرمپور ۾ بجاراڻي هائوس تي سردار محبوب علي بجاراڻي ۽ مير شبير علي بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فتوي’ ڏني وئي، خون بها 20 لک ۽ خرچ جا هڪ ڪروڙ 28 لک طئه ڪيا ويا،  بنگوار برادري پاران مقتول جي ڀاءُ هزار خان جعفري کي پنج لک موقعي تي ادا ڪيا، بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. ياد رهي ته بنگوار برادري جي هٿياربندن ڪرمپور شهر ۾ ساجن سبزوئي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، ساجن سبزوئي سان موٽرسائيڪل تي گڏ ويندڙ ميرخان جعفري به مارجي ويو هو.

Leave A Comment