| ڪرمپور ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڏوهارين هٿان نيڪ مرد قتل، انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو |
ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عمران خان بجاراڻي ۾ هٿياربندن علي مردان جعفري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻو علي مردان شهر کان واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو، وارثن اسپتال پهچايو جتي هن دم ڏنو. وارثن بگن لاڙي وٽ لاش رکي ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو، مقتول جي وارثن سوڍو جعفري، نظرمحمد جعفري ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار وٽ سرينڊر ٿيل ڏوھارين سرعام گوليون ھڻي اسان جي نيڪ مرد کي قتل ڪيو آھي، پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، مقتول جي ڀائٽي برڪت علي جي فرياد تي سرينڊر ٿيل ڏوھاري عبدالله عرف مڇو بنگلاڻي، ابراھيم ۽ احمدالدين سميت 12 جوابدارن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.