| ڪرمپور ۾ چاچي معمولي ڳالهه تان چاقو جا وار ڪري ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو |
ڪرمپور )ن پ ا) ڪرمپور شهر ۾ چاچي نوجوان ڀائٽيو قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار پناھ ملڪ پنهنجي ڀائٽي آصف علي ملڪ کي چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي پيءُ نزاڪت ملڪ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ پناھ ملڪ معمولي ڳالھه تان منهنجي نوجوان پٽ آصف علي کي چاڪن جا وار ڪري زخمي ڪيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نوجوان آصف علي کي سڳي چاچي پناھ ملڪ گهر معاملي تان چاڪن جا وار ڪري قتل ڪيو آهي، هوڏانهن ڪرمپور پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو آهي، نوجوان آصف کي چاچي پناھ ملڪ گهرو معاملي تان قتل ڪيو آهي، جوابدار فرار ٿي ويو آهي، واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،