ڪرونڊي لڳ خوفناڪ حادثو، وين ۽ ويگو ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، 10 مسافر زخمي

اپريل 11, 2025

فيض گنج/ڪرونڊي(رپورٽ: رياض سولنگي/رحمان چانگ) ڪرونڊي لڳ خوفناڪ حادثو، 5 ڄڻا فوت، 10 مسافر زخمي، چئن جي حالت نازڪ، نوابشاهه اسپتال منتقل، رپورٽ موجب ڪرونڊي  لڳ مهراڻ هاءِ وي تي ڊگري ڪاليج وٽ تيز رفتار وين ۽ ويگو ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 4 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا، فوت ٿيلن ۾ وين ڊرائيور شوڪت ڀٽي، ننگريجا واسي مسافر شمس پتافي، گهوٽڪي واسي سجاد سيال ۽ پنو عاقل واسي عبدالغفار مغل شامل آهن، جڏهن ته پنهل شر واسي مظفر شر نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، زخمين ۾ گل بهار شيخ، جاويد مغل، الله نور بروهي، ڀورل سوچي، محمد رفيق بروهي، مسمات خاتون سيال ۽ ٻيا شامل آهن، علائقي واسين پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت گاڏين ۾ ڦاٿل فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين مان چئن جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ڪيترائي ڪلاڪ زخمي اسپتالن ۾ تڙپندا رهيا، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، زخمين ٻڌايو ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، وين سکر کان نوابشاهه طرف اچي رهي هئي.

 

Leave A Comment