ڪرونڊي لڳ شادي ڪئنالن خلاف احتجاج ۾ تبديل، گهوٽ ۽ ڄاڃي شريڪ
اپريل 4, 2025
ڪرونڊي(ن پ ا) سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪرونڊي ڀرسان شادي تقريب ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف گهوٽ ۽ ڄاڃين جو انوکو احتجاج، سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب ڳوٺ عبداللطيف شر ۾ ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف گهوٽ منصور شر جي شادي تقريب ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي انوکو احتجاج ڪيو ويو، جڏھن ته شادي تقريب ۾ آيل معصوم نياڻين به احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي گهوٽ منصور شر ۽ سندس والد عطا حسين شر ٻڌايو ته سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، اسان جي هر خوشي سنڌ ۽ سنڌو سان آهي، اسان عيد ڏينهن به سنڌو جي بقا لاءِ جدو جهد ڪئي ته شادي به سنڌو درياءَ جي نالي ڪريون ٿا.