ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ سيل پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي نوٽيس جاري ڪيو آهي
ايف آءِ اي اسد عمر کي 25مئي تي دستاويزي ثبوتن سان گڏ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي
نوٽيس موجب 15 اپريل 2013ع تي بينڪ عملي اسد عمر جي گهر 3 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا بينڪ وصول ڪيل رقم پي ٽي آءِ جناح اوينيو اسلام آباد برانچ ۾ ڊپازٽ ڪئي
5مئي 2013ع تي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ رقم ٻيهر وصول ڪئي وئي اسد عمر کان وصول رقم جمع ڪرائڻ لاءِ لياقت حسين جو سڃاڻپ ڪارد استعمال ٿيو وڌيڪ رقم پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۾ بي نامي اڪائونٽ کان ڊپازٽ ڪئي وئي
نوٽيس موجب حقيقتن کي نظر ۾ رکندي معلوم ٿئي ٿو ته اسد عمر معاملي کان بخوبي واقف آهي
ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي رئوف شيخ چيو آهي ته اسد عمر 25مئي تي ايف آءِ اي ۾ جاچ لاءِ شامل ٿئي ۽ 4 ڪروڙ رپين بابت دستاويز پاڻ سان گڏ آڻي