ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) ڪريم بخش کوسو ويجهو شرپسند پاران معصوم ٻار جو نازڪ عضوي کي تيز ڌار واري اوزار سان وڍڻ جي ڪوشش، ٻارڙو زخمي ٿي پيو
خبر موجب ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعيد آباد ۾ نامعلوم شرپسندن ٻن سالن جي معصوم ٻار غلام مصطفيٰ جي نازڪ عضوي کي تيز ڌار واري اوزار سان وڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري ٻار زخمي ٿي پيو
وارث معصوم کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽر ٻڌايو ته معصوم ٻار جي نازڪ عضوي کي تيز ڌار اوزار سان وڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي
وارثن فتح محمد ملڪ ۽ ٻين ٻڌايو ته گهر ڀاتي ساريالي فصل جي لاباري تي ويل هئاسين، ٻارڙو گهر ۾ اڪيلو هو، لاباري تان واپس گهر پهتاسين ته ٻارڙي جي نازڪ عضوي مان رت وهي رهيو هو
هنن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، ظالمن ظلم ڪيو آهي