ڪريم جتوئي سان مڱڻو ناهي ٿيو: ام رباب پاران ترديد

اپريل 30, 2025

ميھڙ(ن پ ا) سوشل ميڊيا تي ام رباب چانڊيو ۽ ڪريم علي جتوئي جي مڱڻي ۽ شادي بابت ھلندڙ خبرون ڪوڙيون قرار ام رباب چانڊيو جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر سيد مزمل عباس شاهه پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ته گذريل ڏينھن کان سوشل ميڊيا تي ام رباب چانڊيو جي شادي جي حوالي سان ھلندڙ خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي مبني آھن، ام رباب چانڊيو جي ڀاءُ تمندار صدا حسين چانڊيو پاران پڻ اھڙي خبر جي ترديد ڪندي چيو آھي ته اھڙيون خبرون فھلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق رکي سگھون ٿا، عوام کي گذارش آھي ته اھڙين ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙ خبرن تي ڌيان نه ڏين. ھن چيو ته سچائي ۽ حقيقت ڄاڻن کان بنا ڪا به غلط خبر ھلائڻ کان پرھيز ڪئي وڃي. ياد رھي ته گذريل ڏينھن کان سوشل ميڊيا تي سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو ۽ اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي جي پٽ اڳوڻو ضلع ناظم ڪريم علي جتوئي بابت مڱڻي ٿيڻ جون خبرون ھلايون ويون ھيون.

لياقت جتوئي جي ترجمان پاران به ام رباب ۽ ڪريم جتوئي بابت خبرون رد

ميهڙ: اڳوڻي وڏو وزير لياقت علي جتوئي جي ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر پاران پڻ ڪريم علي جتوئي ۽ ام رباب چانڊيو جي شادي واري ھلندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آھي. ھن چيو ته اھڙين غلط خبر هلائڻ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ گذارش ڪريون ٿا ته اهڙيون فيڪ ۽ نامناسب خبرون هلائڻ کان پرھيز ڪيو وڃي.

 

Leave A Comment