مون روزاني پنهنجي اخبار جي 26 ڊسمبر واري پرچي ۾ منھنجي چپيل مضمون ۾ لکيو آهي ته ڊسمبر جي مهيني ۾ ڪچهه اهڙاواقعا رونما ٿيا آهن، جيڪي منهنجي لاءِ اهميت رکن ٿا. تازو ڊسمبر 2025 جي آخري ڏهاڪي ۾ هڪ ٻي خبر منهنجي يادن ۾ هڪ ياد جو وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.
22 ڊسمبر 2025ع تي سنڌ جي پاڻي جي حاصلات لاءِ قلمي جهيڙي جي اڳواڻي ڪندڙ محترم محمد ادريس راجپوت جي دماغ سوچڻ چڏي ڏنو. انهيءث خبر سڄيء سنڌ کي سوڳوار ڪري چڏيو. سوشل ميڊيا ۽ سنڌي اخبارون سوڳ ۾ ورتل نظر آيون. ادريس راجپوت جي موڪلاڻي تي سنڌ ۾ آيل رد عمل تي مون کي بي اختيار ”اياز“ جون هي سٽون ذهن تي تري آيون:
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي,
پر ائين نه مرنداسين ساٿي
ڪا آڳ لڳائي وينداسين،
ڪو ٻارڻ، ٻاري وينداسين
سنڌ جي پاڻي جي حاصلات لاءِ قلمي جدوجھد جو بنياد شير محمد بلوچ (ايس- ڪي- بلوچ) ”پاڻي منجهه پساهه“ لکي وڌو. ان کان پوءِ مختلف وقتن تي مختلف سياسي، سماجي شخصيتون ان جدوجهد جو حصو رهيون. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
محمد ادريس راجپوت ـ جنهن جا وڏا ورهاڱي وقت هندستان مان لڏي آيا هئا، انهن سنڌ ۾ مستقل رهائش قمبر ۾ اختيار ڪئي. ادريس راجپوت پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ گورنمنٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر سائنس پاس ڪرڻ کان پوءِ انجنيئرنگ جي ڊگري 1965 ۾ ڪراچي جي اين- اي- ڊي ڪاليج مان حاصل ڪئي. هو 1970ع ۾ سنڌ آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر ڀرتي ٿيو ۽ ترقي ڪندو سيڪريٽري آبپاشي جي عهدي تائين پهتو ۽ 2001ع ۾ بحيثيت سيڪريٽري سنڌ آبپاشي کاتي رٽائر ڪيو.
اڄ سنڌ جنهن ادريس راجپوت لاءِ سوڳوار آهي، اهو سيڪريٽري نه بلڪ سنڌ جي پاڻي جي حاصلات ۽ بچاء لاءِ جهيڙي جي مهنداري ڪندڙ آهي. هونئن ته سنڌ آبپاشي کاتو تمام گهڻو پراڻو آهي. انهيء کاتي جا سيڪريٽري رهندڙ اڄ ڪنهن کي به باد نه آهن، سواء هڪ بلوچ صاحب جي، جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻيو عبدالوهاب شيخ، جنهن سنڌ پنجاب پاڻي مامري جي حل لاءِ ٺاهيل ڦضل اڪبر ڪميشن جي اڳيان سنڌ جي پاڻي جو ڪيس پيش ڪيو هو.
ادريس راجپوت هڪ پاڻي ماهر طور ان وقت سامهون آيو، جڏهن ملڪ ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جا دهل وڄڻ لڳا. ياد رهي ته ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو سڀ کان پهرين 1953ع ۾ اڳيان آندو ويو. ان کان پوءِ وقفي وقفي سان هر ايندڙ حڪومت ان منصوبي تي ڪم ڪندي رهي. 1988ع ۾ ان منصوبي جي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي هئي ۽ ان جو هنڌ ڪالاباغ شهر کان 12 ميل مٿي سنڌو ۽ سون درياهه جي ميلاپ تي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان تي عمل شروع ڪرڻو هو. ملڪ جي ٽن صوبن جي مخالفت ڪري انهيء منصوبي تي عمل رڪجي ويو.
ادريس راجپوت 2003 کان پاڻيء مسئلي تي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو۔ هن ايترو لکيو جو هن جا ڏھ ڪتاب ڇپيل آهن۔ انهن مان هڪ ڪتاب انگريزي ۾ صرف ڪالاغ ڊيم تي لکيل آهي۔
ڪالاباغ ڊيم جي حامين طرفان اهو چيو ويو ته سمنڊ ۾ هر سال 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃي پيو، جيڪو ذيان آهي۔ ان ذيان کي روڪي ڊيم ٺاهيا وڃن۔ انهيء تي سڄي سنڌ ۾ بحث شروع ٿي ويو ته ڇا سمنڊ ۾ هر سال ايترو پاڻي وڃي ٿو؟ ۽ ڇا سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ذيان آهي يا ضرورت؟
انهن مٿين ٻنهي لفظن تي سنڌ جي سڄاڻن طرفان تمام گهڻو لکيو ويو آهي.
زيبسٽ طرفان انگريزي ۾ هڪ ڪتاب، `واٽر ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بئراج نيڊ آر ويسٽ ` ڇپيل آهي. انهيء ۾ اهو ثابت ڪيو ويو ته انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ پاڻي ضروري آهي. انڊس ڊيلٽا لاء 1991 واري ٺاھ ۾ پڻ سنڌ ڏھ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جي گھر ڪئي هئي.
انڊس ڊيلٽا جيڪو دنيا جو پنجون وڏو ڊيلٽا مڃيو ويندو آهي، انهيء کي هاڻي دنيا ۾ مرده ڊيلٽا لکيو پيو وڃي. ان جو سبب صرف ۽ صرف ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ آهي. رچرڊ برٽن پنھنجي ڪتاب “سنڌ دي انھيپي ويلي” ۾ لکيو ته، “سنڌو درياھ هڪ سيڪنڊ ۾ 300 ڪيوبڪ فوٽ لٽ جا کڻي اچي سمونڊ سان ملي ٿو۔ مٽيءَ جي ايڏي مقدار ۾ اچڻ ڪري ستن مھينن ۾ 42 ميل ڊگھو ۽ 17 ميل ويڪرو ڊيلٽا ٺھي ٿو۔” سنڌو درياھ 1947ع ۾ 72 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سان گڏ 225 ملين ٽن لٽ جا کڻي اچي سمنڊ سان ملندو هو۔ اهو 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي کان پوءِ مٿئين ڀر (پنجاب) ٺاهيل ڊيمن ۽ بئراجن ڪري سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو. هڪ اندازي مطابق هن وقت پاڪستان ۾ سٺ کان وڌيڪ وڏا ڊيم ٺهيل آهن. خاص ڪري 1991ع واري صوبن ۾ پاڻي ورچ تي ٿيل ٺاهه کان پوءِ حالت انتهائي خراب آهي. ارسا طرفان ٺاهه جي روح جي خلاف فيصلا ٿيڻ ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ملڻ لڳو. انڊس ڊيلٽا لاءِ پاڻي ٻڙي رهجي ويو.
2003ع ۾ صدر جنرل پرويز مشرف طرفان ملڪ ۾ پاڻي وسيلن جي ورهاست لاءِ اي – اين- جي عباسي جي سربراهي ۾ هڪ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي. عباسي صاحب 2005ع ۾ حڪومت کي ڏنل رپورٽ ۾ واضح لکيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي صرف ٻوڏ وارن سالن ۾ وڃي ٿو. باقي سالن ۾ پاڻي نه هئڻ برابر هوندو آهي. مون پنهنجي ڪتاب ”هيڊروپاليٽڪس ان پاڪستان“ ۾ گذريل پنجاهه سالن کان وڌيڪ جا انڊس ڊيلٽا ۾ ويندڙ پاڻي جا انگ اکر ڏنا آهن. انهيء مطابق اڌ کان وڌيڪ سالن ۾ پاڻي صرف ٻوڏ وارن سالن ۾ ويو آهي. ڪجهه ته اهڙا سال آهن، جن ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ کان گهٽ پاڻي ويو آهي. عباسي صاحب انگن اکرن سان ثابت ڪيو ته سسٽم ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ لاءِ پاڻي موجود نه آهي. ادريس صاحب نه صرف ڪالاباغ ڊيم خلاف لکيو، ڀر انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ، 1991ع جي ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ, موسمياتي تبديلين ڪري پوندڙ اثرن، سنڌ ۾ ڍنڍن، ڍورن جي مرڻ ۽ سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ پڻ لکيو. هن خاص ڪري منڇر جي ٿباهي تي تمام گهڻو لکيو.
ادريس راجپوت جيڪو ٻارڻ ٻاريو، اهو هاڻي ڀڀڙ ٿي ويو آهي. جڏهن مون ڪجهه سال پهرين پاڻيءَ تي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو ته هڪ ڏينهن ادريس صاحب مون کي فون ڪري چيو ته، خشڪ! اڳي آئون اڪيلو هوس، چڱو ٿيو جو هاڻي تو به لکڻ شروع ڪيو آهي. اها هن جي بلند اخلاقي ۽ وڏ ماڻهپو ھو جو هن منهنجي لاءِ اهي لفظ چيا. اڄ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي پاڻي معاملي جي حوالي سان تمام گهڻا لکندڙ موجود آهن. اهو سڀ ڪجهه ادريس صاحب جي شروع ڪيل قلمي تحريڪ جو نتيجو آهي. سنڌي عوام ۾ آيل انهيء سڄاڳيء کي ڪجهه ڌرين طرفان روزگار جو ذريعو بڻايو پيو وڃي. منهنجو اشارو انهن غير سرڪاري تنظيمن ڏانهن آهي، جيڪي انڊس ڊيلٽا جي نالي تي اربين روپين جا سرڪار کان منصوبا منظور ڪرائي موجون ماڻي رهيا آهي. مون کي اهو ٻڌي تعجب ٿيو ته ڪجهه وقت اڳ انڊس ڊيلٽا ۾ پاني نه اچڻ ڪري 2050ع ۾ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعو ۽ 2060ع ۾ ڪراچي ضلعو سمونڊ جي پاڻي هيٺ اچي ويندو، اهو محض انهيء غير سرڪاري تنظيم طرفان خطرناڪ صورت حال ٻڌائي انڊس ڊيلثا جي اڀياس جو منصوبو منظور ڪرائڻ هو۔ ائين اھي انڊس ڊيلٽا جو اڀياس ڪرڻ لاء پنجن سالن لاءِ اربين روپين جو منصوبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. هڪ ٻي تنظيم پڻ آهي، جيڪا انڊس ڊيلٽا ۾ گم ٿيل شهرن جي ڳولا لاءِ اربين روپين جي منصوبي تي ڪم ڪري رھي آهي. سرڪار اهي اربين روپيا ائين ضائع ڪرڻ جي بجاءِ جيڪڏهن انڊس ڊيلٽا ۾ ڊيلٽا ترقياتي ادارو ٺاهي ان جي ذريعي تمر جي ٻيلن جي پوکائي ۽ سنڀال مقامي ماڻهن ذريعي ڪرائي ها ته بهتر هو۔ ان کانسواءِ ڊيلٽا کي سياحتي مرڪز ۾ تبديل ڪيو وڃي ها ته ان سان جتي ڊيلٽا جي ماڻهن کي روزگار ملي ها ۽ ڏهه لک ماڻهو ڊيلٽا مان لڏ پلاڻ نه ڪن ها، ان سان گڏ حڪومت کي آمدني پڻ ٿئي ها. تمر جي ٻيلن ڪري جتي سمونڊ طرفان ڊيلٽا جي کاڌ ۾ رڪاوٽ پوندي، ان سان گڏ مقامي ماڻهن کي روزگار پڻ ملندو. سڀ کان وڌيڪ تمر جي ٻيلن جي ڪري ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي ڪاروبار مان حڪومت کي اربين ڊالرن جي آمدني ٿي سگھي ٿي.
ادريس راجپوت زندگي جو آخري ڪجهه وقت بيماري ۾ گذاريو. هن جو 2024ع ۽ 2025ع ۾ ارسا ائڪٽ ۾ تبديلي ۽ ڇهن واهن ۽ گربن انيشيٽو تي خاموشي سڀني کي محسوس ٿي. ان جو سبب ڪجهه مهينا پهرين سوشل ميڊيا تي هڪ آيل خبر ذريعي پئي ته هو پنهنجي زندگيءَ جا آخري پساھ کڻي رهيو آهي. اڄ ادريس راجپوٿ اسان سان گڏ نه آهي، پر هو هميشه سندس لکڻين ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.
ادريس راجپوت پنهنجن لکڻين ذريعي اسان کي اهو ذهن نشين ڪرايو ته سنڌو درياهه تي ڊيم سنڌ لاءِ نقصان ڪار آهي. آخر ۾ هو ڀاشا ڊيم جو حامي هو. اها هن جي پنهنجي سوچ هئي، پر هن جي نيت تي شڪ نٿو ڪري سگهجي.
ادريس صاحب پنهنجي زندگي ۾ نه صرف قلمي جدوجهد ڪئي، پر سرڪاري سطح تي ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ پڻ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙهندو رهيو.
آخر ۾ اياز جي هنن سٽن سان کانئس موڪلاڻي ڪريان ٿو:
ڇر تي ڏئي پيرڙا، ڪري هنج اڏار،
سڄڻ تنهنجي سار، صديون رهندي ساهه سان.