ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) صحت کاتي مان ڪرپشن الزامن هيٺ هٽايل ڪاموري کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو
صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر جي 17هين ۽ 18هين گريڊ واري ٻن عهدن تان مختلف سنگين الزامن هيٺ هٽايل 18هين گريڊ جي فاروق ابڙو کي اينٽي ڪرپشن چيئرمين جي سفارش تي ڊپٽي سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن مقرر ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب ته صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران ڄاڻايل آفيسر جي صحت کاتي ۾ مقرري دوران گاڏين جي مرمت، خريداري ۽ ٻين مدن ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ سندس خدمتون سروسز کاتي کي واپس ڪيون ويون هيون
اينٽي ڪرپشن چيئرمين جي سفارش تي سروسز کاتي پاران کيس اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي