ڪرپشن بابت عالمي اداري جي رپورٽ ڪاميابي جو ثبوت آهي: شهباز

ڪرپشن بابت عالمي اداري جي رپورٽ ڪاميابي جو ثبوت آهي: شهباز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت عوامي تاثر واري رپورٽ تي اطمنان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سروي مطابق عوام جي اڪثريت راءِ ڏني آهي ته اسان جي حڪومت دوران ڪرپشن جو منهن نه ڏسڻو پيو، عوام جي هيءَ راءِ ڪرپشن خلاف جنگ ۽ شفافيت جي واڌاري بابت اسان جي ڪوششن جو اعتراف آهي. ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي هيءَ رپورٽ حڪومتي سڌارن جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. اسان حڪومت جي هر شعبي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت سان ڀرپور نظام لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو آهي ۽ هن سلسلي ۾ وڌيڪ ڪم جاري آهي. بهتر ٿيندڙ معاشي اشاري، سڌارا ۽ حڪومتي پاليسين ۽ قدمن بابت عوامي مثبت راءِ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي.