| ڪرپشن خلاف قدم کڻون ٿا ته روڪيو وڃي ٿو: سعيد غني |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪرپشن خلاف قدم کڻون ٿا ته اسان کي روڪيو وڃي ٿو، ڪرپٽ آفيسرن جا نالا کڻڻ مناسب نه آهي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سي ايم آءِ ٽي کان هڪ انڪوائري ڪرائي، گهڻيون شيون ثابت ٿيون، آفيسرن کي رپورٽ ڪرايو، ڪورٽ سڳوري آرڊر روڪي ڇڏيو، ٻين آفيسرن کي چارج ڏني، ڪورٽ سڳوري انهن کان چارج واپس کسي ڇڏي، ان صورتحال ۾ توهان چئو ٿا حڪومت ڪرپشن ٿي ڪري، حڪومت ايڪشن ٿي ڪري ته روڪي ڪير ٿو ؟ سعيد غني چيو ته مون لکت ۾ اهو چئي ڇڏيو آهي ته عدالتي آرڊر نه ٿو مڃان، منهنجي خلاف توهين جي ڪارروائي ڪن، مان ڪورٽ ۾ وڃي جج صاحبن کي ٻڌائيندس ته جن آفيسرن کي هو رليف پيا ڏين، انهن ڪيو ڇا آهي، سعيد غني کان سوال ڪيو ويو ته توهان ڪرپٽ آفيسرن جا نالا کڻڻ جي جرئت نه پيا ڪيو ؟ سعيد غني جواب ڏنو ته هڪ وزير لاءِ اهو مناسب نه آهي ته نالا کڻي چوي ته فلاڻن هي ڪم ڪيو آهي.