ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گورنر سنڌ جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڏيون گرفتاريون نظر اينديون
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سان واپارين جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته ڪرپشن ڪندرن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گرفتاريون نظر اينديون
هن چيو ته جيستائين هن عهدي تي آهيان مافياز جو حصو نه ٿيندس، مافيا خلاف ڪارروائي لاءِ آءِ جي سان ڳالهه ٿي آهي، اسٽريٽ ڪرمنلز جي خاتمي تي به ڳالهيون ٿيون آهن، آءِ جي سٺو آفيسر مليو آهي، هن کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ٻڌايو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ايم ڪيو ايم وفد به ملاقات ڪئي، گورنر چيو ته واپارين سان مسئلا حل ڪيا ويندا