| ڪرپشن ڪيس: بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه کي 21 سال قيد |
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ڪرپشن ڪيس ۾ 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، بنگلاديشي اينٽي ڪرپشن ڪميشن شيخ حسينه واجد خلاف ڍاڪا ويجهو مهانگي زمين تي قبضي جا 3 ڪيس داخل ڪيا هئا.
پرڏيهي خبرن موجب، عدالت خميس ڏينهن شيخ حسينه واجد کي ڪرپشن جي الزام هيٺ 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي، ان کان اڳ کيس انسانيت خلاف ڏوهن ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ان کانسواءِ عدالت شيخ حسينه واجد جي آمريڪا ۾ رهندڙ پٽ ۽ ڌيءَ کي به پنج، پنج سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي وئي، هوڏانهن ڀارت جو چوڻ آهي ته حسينه واجد جي حوالگي درخواست جو جائزو وٺي رهيا آهيون