ڪرپشن ڪيس: نيتن ياهو کي معاف ڪرڻ جي درخواست واپس

ڪرپشن ڪيس: نيتن ياهو کي معاف ڪرڻ جي درخواست واپس

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ ڪرپشن الزامن تي وزيراعظم نيتن ياهو جي معافي جي درخواست انصاف واري وزارت ڏانهن واپس موڪلي ڇڏي آهي. اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ درخواست تي فيصلي لاءِ وڌيڪ مواد طلب ڪري ورتو، صدر جي قانوني صلاحڪار پنهنجي بيان ۾ چيو ته جاري عدالتي ڪارروائي دوران معافي ڏيڻ جي اختيارن بابت اڳوڻن مثالن ۽ واڌو قانوني مواد جي ضرورت آهي، خاص طور تي اهڙن معاملن ۾ جتي سفارتي يا سيڪيورٽي نوعيت جا عنصر شامل هجن. اختيارين موجب هي قدم رڳو پيشيوراڻي جائزي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ان مان ڪنهن حتمي فيصلي جو اشارو نٿو ملي.