ڪرپشن ۽ بدعنوانيون: سينيٽ ڪاميٽي ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي آفيسرن کي ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ جو مطالبو

ڪرپشن ۽ بدعنوانيون: سينيٽ ڪاميٽي ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي آفيسرن کي ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي مواصلات بابت ذيلي ڪميٽي ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي آفيسرن کي بدعنواني ۽ ڪرپشن جي الزامن تي ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سينيٽر ڪامل علي آغا جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري مواصلات ۽ چيئرمين اين ايڇ اي شرڪت نه ڪئي. اجلاس دوران اين ايڇ اي عملدارن ٻڌايو ته ڪيريِج 3 منصوبي کي بليڪ لسٽ ٿيل ڪمپني کي ڏيڻ بابت رپورٽ وزيراعظم کي جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته لياري ايڪسپريس وي جي ٻيهر تعمير واري منصوبي ۾ مبينا بدعنواني سبب چيئرمين اين ايڇ اي کي هٽايو ويو آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو پڇاڻو ڪيو ته اين ايڇ اي ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) کي ڇا لکيو آهي ۽ اي ڊي بي سان ٿيل خط و ڪتابت اسان سان شيئر ڪئي وڃي. ان تي اين ايڇ اي عملدارن ٻڌايو ته اي ڊي بي هن سڄي معاملي تي نظر رکي رهيو آهي ۽ نئون ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو چئي رهيو آهي پر هن وقت تائين ڪو به لکت ۾ حڪم ناهي ڏنو. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ڪميٽي آڏو غلط بياني ڪئي پئي وڃي، نااهل ڪمپنين کي ٺيڪا ڏئي قومي منصوبن جي قيمت وڌائي وڃي ٿي ۽ اين ايڇ اي جو جونيئر آفيسر به چوري جو دفاع ڪري رهيو آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ اين ايڇ اي کي نوڪري مان فارغ ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪميٽي جا ميمبر اين ايڇ اي خلاف پريس ڪانفرنس ڪندا، اين ايڇ اي جي آفيسرن کي ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ گهرجي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اين ايڇ اي سکر عبدالجبار شيخ ماڻهن کان ڪميشن وٺي رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته چيئرمين ۽ سيڪريٽري منهنجي کيسي ۾ آهن. سينيٽر ضمير گهمرو چيو ته جڏهن ادارا پنهنجي بدعنوانين تي پردو وجهن ٿا ته پوءِ آءِ ايم ايف رپورٽون جاري ڪري ڇڏيندو آهي۔ هڪ هفتي اندر اين ايڇ اي کي اين ايڪس سي سي کي ٽرانچي 3 منصوبو ڏيڻ بابت فيصلو ڪرڻو پوندو. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته افسوس آهي ته اڳوڻي چيئرمين اين ايڇ اي کي پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪري عهدي تان هٿ کڻڻو پيو، اي ڊي بي سان مناسب خط و ڪتابت ناهي ٿي رهي۔ نئين چيئرمين کي ڪرپٽ مافيا خلاف سخت قدم کڻڻو پوندو۔ اين ايڇ اي ڪيريِج 3 کان پوءِ هڪ ٻي قومي شاهراهه جي تعمير جو منصوبو به بليڪ لسٽ ڪمپني کي ڏئي ڇڏيو آهي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايم 5  جي تعمير نو جو منصوبو به ساڳي بليڪ لسٽ ٿيل ڪمپني کي ڏنو ويو آهي۔ سينيٽر ضمير گهمرو چيو ته اين ايڇ اي جي سڀ آفيسرن خلاف توهين پارليامينٽ جو ايڪٽ لڳائينداسين ۽ ڪميٽي جي رپورٽ جمع ٿيندي ئي سڀ آفيسرن کي فارغ تصور ڪيو ويندو۔ سينيٽر سيف الله ابڙو پي ڊبليو ڊي جيان اين ايڇ اي کي به بند ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو ته اسان وزيراعظم وٽ ڪميٽي جي ميمبرن جو هڪ وفد وٺي وينداسين، اين ايڇ اي هڪ مافيا بڻجي چڪي آهي، ۽ ان کي بند ڪرڻ جي سفارش ڪرڻي پوندي.