ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوئن جو باني ڪير؟ ڳجهارت ڀڃڻ جي دعويٰ

ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوئن جو باني ڪير؟ ڳجهارت ڀڃڻ جي دعويٰ

ابوظهبي (انٽريسٽنگ نيوز) بِٽ ڪوئن کان انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ هر شخص واقف آهي. هن ڊجيٽل يا ڪرپٽو ڪرنسي جو آن لائن استعمال عام ٿي رهيو آهي، پر ڪو به نٿو ڄاڻي ته اهو شخص ڪير هو جنهن ان کي پهريون ڀيرو ٺاهيو. صرف هڪ نالو سڀني کي معلوم آهي ۽ اهو آهي ستسوشي نڪاموٽو جنهن کي بِٽ ڪوئن جو پراسرار خالق سمجهيو ويندو آهي. پر هاڻي هڪ نئين رپورٽ ۾ بِٽ ڪوئن جي پراسرار خالق جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ستسوشي نڪاموٽو جي سڃاڻپ هڪ راز رهي آهي. نيو يارڪ ٽائمز چيو آهي ته برطانوي ڪرپٽوگرافر آدم بيڪ ستسوشي نڪاموٽو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آدم بيڪ جو لکڻ جو انداز ستسوشي نڪاموٽو سان ملندڙ جلندڙ آهي. ستسوشي نڪاموٽو ماضي ۾ ڪيترائي لکيل اشارا ڇڏي چڪو آهي، جن ۾ بِٽ ڪوئن وائيٽ پيپر ۽ ٻيون لکڻيون شامل آهن جيڪي وضاحت ڪن ٿيون ته بِٽ ڪوئن ڪرنسي ڪيئن ڪم ڪندي آهي. ٻئي طرف، آدم بيڪ ايڪس پوسٽ ۾ چيو ته هي اکرن جي هڪ جهڙائي اتفاق آهي. هن چيو ته تقريبن ساڳئي پس منظر جا ماڻهو (ڪرپٽوگرافي ۽ ڊجيٽل ڪرنسي لاءِ ڪم ڪندڙ) اڪثر هڪجهڙا لفظ ۽ جملا استعمال ڪندا آهن. هن چيو ته هو ستوشي نه آهي، پر هو ڊگهي عرصي کان ڪرپٽوگرافي جي مثبت سماجي اثر تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ 1992 کان وٺي هن حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف رپورٽ ۾ آهي ته بٽ ڪوئن وائيٽ پيپر جي اشاعت کان پوءِ ستوشي نڪاموٽو خاموشي سان غائب ٿيو ۽  آدم بيڪ پڻ تمام گهڻو غير فعال ٿي ويو ۽ ڊگهي عرصي کان پوءِ ٻيهر ظاهر ٿيو. هڪ اندازي مطابق ستوشي نڪاموٽو 1.1 ملين بٽ ڪوئن ٺاهيون هو ڪرپٽو دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي.