لعلورائنڪ (پنهنجي ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي عورتن جي مخصوص سيٽن تي قمبر ضلعي ڪائونسل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ ستارا تنيو مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي تنقيد شروع ٿي وئي آهي
لعلورائنڪ ۾ ستارا تنيو ايس يو پي جي ٽڪيٽ تي مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو هو جنهن کانپوءِ هوءَ هٿ کڻي وئي هئي ان وقت به مٿس تنقيد ٿي هئي ۽ هاڻ جڏهن پ پ جي ٽڪيٽ تي ضلعي ڪائونسل ميمبر ٿيڻ جي ڳالهه سامهون آئي آهي ته به مٿس تنقيد شروع ٿي وئي آهي
ان حوالي سان ستارا تنيو تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته تنقيد ڪندڙ ڀلي تنقيد ڪندا رهن اسان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين، لعلورائنڪ سوڌو سڄي سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهنديس
هن چيو ته مون مٿان بنا جواز تنقيد ٿي رهي آهي، پ پ ۾ شامل ٿي ڏوهه ناهي ڪيو سياسي طور هر ڪو پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهي
ستارا تنيو چيو ته اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان خانداني طور پ پ سان سلهاڙيل آهيون، منهنجو ڏاڏو پ پ ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو هو، لعلورائنڪ ۾ پ پ کي اسان جي ضرورت پئي ته اسان واپس پ پ ۾ وياسين