| ڪرڪيٽر پانڊيا ۽ ماهيڪا شرما جي شادي جا افواهه |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر هردڪ پانڊيا ۽ اداڪاره توڙي ماڊل ماهيڪا شرما جا لاڳاپا هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي ويا آهن، سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي خفيه شادي جا چوٻول آهن، اهي افواهه ان وقت وڌيڪ تيز ٿيا، جڏهن هردڪ پانڊيا ۽ ماهيڪا شرما جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ ٻئي هڪ بزرگ عورت سان گڏ موجود آهن، تصوير ۾ ماهيڪا شرما جي سينڌ ۾ سيندور لڳل نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته تصوير ۾ موجود بزرگ عورت ٻنهي جا هٿ جهلي بيٺل آهي.سوشل ميڊيا واهپيدارن اندازو لڳائڻ شروع ڪيو آهي ته شايد اها تصوير ٻنهي جي ڪنهن نجي شاديءَ جي تقريب کانپوءِ ورتي وئي آهي پر هردڪ پانڊيا يا ماهيڪا شرما طرفان اڃا تائين شادي بابت ڪا باضابطه تصديق يا بيان سامهون ناهي آيو، واضح رهي ته هردڪ پانڊيا سربيائي نسل جي اڳوڻي زال نتاشا اسٽينڪووچ کان ڌار ٿيڻ جي لڳ ڀڳ ٻن سالن کانپوءِ ماهيڪا شرما کي پنهنجي زندگيءَ جي نئين ساٿيءَ طور متعارف ڪرايو هو. آسام سان تعلق رکندڙ 31 سالن جي ماهيڪا شرما هردڪ پانڊيا کان لڳ ڀڳ ست سال ننڍي آهي، هندستاني فيشن انڊسٽريءَ جو هڪ مشهور نالو سمجهي وڃي ٿي. هوءَ انڊين فيشن ايوارڊز ۾ ”ماڊل آف دي ايئر“ جو اعزاز به حاصل ڪري چڪي آهي.