| ڪرڪيٽ آسٽريليا آءِ پي ايل جي مهانگي رانديگر ڪيمرون گرين کي بالنگ کان روڪي ڇڏيو: ڀارت ۾ پٽڪو |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي مهانگي ترين پرڏيهي رانديگر ۽ آسٽريلوي آل رائونڊر ڪئمرون گرين کي ٽورنامينٽ ۾ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو ويو . ڪرڪيٽ آسٽريليا ڪئمرون گرين کي آءِ پي ايل ۾ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو آهي، جنهن کانپوءِ مهانگي ترين ڪرڪيٽر جي بالنگ نه ڪرائڻ تي ڀارتي ميڊيا ۾ سوال اٿڻ لڳا آهن. واضح رهي ته ڪئمرون گرين کي 25 ڪروڙ 20 لک ڀارتي رپين ۾ آءِ پي ايل جي فرنچائز ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) خريد ڪيو هو. ڪئمرون گرين آءِ پي ايل جي مجموعي طور ٽيون ۽ مهانگو ترين اوورسيز پليئر آهي، پر هن ڪي ڪي آر طرفان ممبئي انڊينز خلاف ميچ ۾ بالنگ نه ڪئي.هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ ڪي ڪي آر کي شڪست کانپوءِ هر ڪنهن ڪئمرون گرين جي بالنگ ۾ غير موجودگي کي نوٽ ڪيو، جڏهن ته ڪي ڪي آر جي ڪپتان اجنڪيا رهاڻي ڪئمرون گرين بابت سوال تي چيو ته ” اهو سوال توهان ڪرڪيٽ آسٽريليا کان پڇو.“ ٻئي پاسي ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان موجب ڪئمرون گرين کي چيلهه جي هيٺين حصي ۾ تڪليف سبب احتياط طور ڪجهه وقت لاءِ بالنگ کان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪي ڪي آر کي هن بابت باظابطا آگاهه ڪيو ويو هو. ترجمان موجب، ڪئمرون گرين ڀارت ۾ بالنگ لوڊ جو خيال رکي رهيو آهي، هو 10 کان 12 ڏينهن ۾ بالنگ شروع ڪندو.