| ڪرڪيٽ جي ننڍڙن جي ٽرافي جنگ اڄ کان شروع، ٽي ميچون رٿيل |
هراري (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي باقاعده شروعات اڄ ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾، آءِ سي سي پاران انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽرافي جو شينهن سان گڏ فوٽو شوٽ وائرل ٿي ويو آهي. نميبيا جي نيشنل پارڪ ۾ ڪيل فوٽو شوٽ ۾، شينهن ٽرافي سان گڏ پوز ڏيندي ڏسي سگهجن ٿا. واضح رهي ته آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ڏينهن تي اڄ ٽي ميچون ٿينديون. پهرين ميچ ۾ ڀارت ۽ آمريڪا آمهون سامهون ٿيندا، ٻي ميچ ۾ ميزبان زمبابوي ۽ اسڪاٽلينڊ ۽ ٽين ميچ ۾ تنزانيا ۽ ويسٽ انڊيز مقابلو ڪندا. سڀئي ٽي ميچ پاڪستاني وقت مطابق 12:30 وڳي شروع ٿينديون. پاڪستان ٽيم سڀاڻي انگلينڊ خلاف ايونٽ ۾ پنهنجو افتتاحي ميچ کيڏندي.