ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري: وزيراعظم پي ايس ايل فائنل لاءِ اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري: وزيراعظم پي ايس ايل فائنل لاءِ اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي فائنل لاءِ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مون وزيراعظم شهباز شريف کان تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي. محسن نقوي چيو ته وزيراعظم به چاهيو پئي ته فينز کي اجازت ملڻ گهرجي، فرنچائز مالڪن جي درخواست تي وزيراعظم پي ايس ايل فائنل ۾ فينز کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏني آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته وزيراعظم ڪفايت شعاري مهم تي به زور ڏنو آهي. ياد رهي ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ آمريڪا-ايران جنگ سبب پيدا ٿيل تيل جي بحران کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پاڪستان سڄي ملڪ ۾ ڪفايت شعاري مهم جو اعلان ڪري رکيو آهي.