اسلام آبادپنهنجي ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ويندي يا نه؟ فيصلو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ هاءِ پروفائيل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي
هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ رٿيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آهي
پي سي بي پاران قومي ٽيم ڀارت اماڻڻ حڪومتي اجازت سان مشروط ڪرڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ هاءِ پروفائيل ڪميٽي قائم قائم ڪري ڇڏي آهي
ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، احسان مزاري ۽ مريم اورنگزيب، اسعد محمود، امين الحق، قمر زمان ڪائرا ۽ طارق فاطمي شامل آهن قومي سلامتي جي ادارن جا سربراهه ۽ پرڏيهي سيڪريٽري به هاءِ پروفائيل ڪميٽي ۾ شامل هوندا
هاءِ پروفائيل ڪميٽي قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت وڃڻ بابت فيصلو ڪندي، هاءِ پروفائيل ڪميٽي جون سفارشون حتمي منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن اماڻيون وينديون
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت حڪومت جي اجازت سان مشروط ڪئي آهي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 15 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ اهم دنگل رٿيل آهي