| ڪرڪيٽ ۽ والي بال بدران فٽبال گرائونڊ ڇو ٺهرايو ويو؟ شهرين ۽ رانديگرن پاران جاچ جو مطالبو |
باقراڻي: مقامي نوجوان رانديگرن ۽ ڪرڪيٽ شوقينن محمد رمضان جنگوزئي، تعمير سمو، ثنا اللہ چنو، مختيار چنو،غلام علي چنو، محمد نواز بروهي ،آريان قريشي ،مزمل ڪلھوڙو ،شفقت جان بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گرائونڊ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هتي هڪ ڏينهن به فٽبال ميچ منعقد نه ٿي آهي، باقراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فٽبال جي روايت نه هجڻ سبب به هن منصوبي تي ڪيترائي سوال اٿيا آهن، هتي والي بال ۽ ڪرڪيٽ وڌيڪ مقبول رانديون آهن، پر افسوس جو انهن لاءِ به ڪا معياري گرائونڊ يا سهولتون مهيا ناهن ڪيون ويون، حڪومت هڪ طرف تعليمي ادارن ۾ راندين، ٽيم ورڪ ۽ صحتمند سرگرمين جي فروغ جون دعوائون ڪري رهي آهي، جڏهن ته عملي طور تي نه رڳو ناقص منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن پر انهن جي نگراني ۽ مڪمل ٿيڻ تي به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، هن سڄي صورتحال کان پوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا عوامي پئسي سان ٺهندڙ اهڙا منصوبا صرف افتتاحي تقريبن تائين محدود آهن… ؟ باقراڻي واسين مطالبو ڪيو آهي ته لاڳاپيل اختيارين فوري طور جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪن ۽ گرائونڊ کي معيار موجب ٻيهر تعمير ڪري شاگردن لاءِ قابلِ استعمال بڻايو وڃي، ته جيئن راندين جي فروغ جا دعوا عملي صورت اختيار ڪري سگهن.