ڪرڪ ۽ خيبر ۾ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 21 گرفتار

ڪرڪ ۽ خيبر ۾ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 21 گرفتار

پشاور (م ڊ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا. سينٽرل پوليس آفيس موجب مدرسه حقانيه ۾ ڌماڪي ۽ مولانا فضل الرحمان تي آپگهاتي حملي جي منصوبه بندي جي ڪيسز ۾ اڳڀرائي ٿي آهي جتي ڪرڪ ۽ خيبر ۾ ڪارروائين جي دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا، 21 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ افغان شهري به شامل آهن. جاچ جي دوران دهشتگردي جي فنانسنگ نيٽ ورڪ، مالي ذريعن، ٺڪاڻي ۽ ٽارگيٽ سليڪشن پيٽرن جو پتو پيو، دهشتگرد واقعن جي جاچ ۾ سرحد پار رابطه ۽ ڏکيا چيلنجز آهن.