ڪرڪ ۾ پوليس موبائل تي حملو، 5 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪرڪ ۾ پوليس موبائل تي حملو، 5 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪرڪ (م ڊ) ڪرڪ ۾ دهشتگردن پوليس موبائل تي حملو ڪري ڏنو،جنهن جي  نتيجي ۾ شاهد اقبال، صفدر، عارف ۽ محمد ابرار سميت 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا، فائرنگ سبب  پوليس موبائل کي باهه لڳي وئي، گرگري دامي بانڊه ۾ دهشتگردن پوليس موبائل تي حملو ڪيو، پوليس موجب فائرنگ کان پوءِ پوليس موبائل کي باهه لڳي وئي، واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، حملي آورن جي ڳولا لاءِ  سرچ آپريشن جاري رهيو، ان دوران پوليس جي  فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا،  ڊي پي او ڪرڪ  سعود خان  فائرنگ واقعي ۾ 5 پوليس اهلڪارن  جي شهادت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پوليس موبائل ۾ 5 اهلڪار سوار هئا، جيڪي سمورا حملي ۾ شهيد ٿيا، مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ عارف عرف ڊان جي نالي سان ٿي، جيڪو علائقي ۾ دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث ۽ گهربل هو. وزيراعظم شهباز شريف پوليس موبائيل تي حملي جي سخت مذمت ڪندي پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرئين دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ ٿاڻي گرگري جي حدن ۾ پوليس گاڏيءَ تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي پنج پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.