Home » ڪسٽمز آفيسر ثاقف سعيد، عثمان باجوا ۽ عامر ٿهيم اسمگلرن جا سرپرست:گرفتار آفيسرن ڪرپشن جا داستان کولي ڇڏيا
ڪسٽمز آفيسر ثاقف سعيد، عثمان باجوا ۽ عامر ٿهيم اسمگلرن جا سرپرست:گرفتار آفيسرن ڪرپشن جا داستان کولي ڇڏيا
جُولاءِ 15, 2023
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪسٽم آفيسر اسمگلنگ کي روڪڻ بدران اسمگلرن جي سرپرستي ڪرڻ لڳا، هفتو اڳ گم ڄاڻايل 2 ڪسٽم سپرنٽينڊنٽن طارق محمود ۽ ياور عباس کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري ورتو، ٻنهي آفيسرن ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم آڏو ڪرپشن جا داستان کولي ڇڏيا
ايف آءِ اي ذريعن موجب گهاس بندر ڪياماڙي ۾ مقرر اينٽي اسمگلنگ آرگنائزيشن جو سپرنٽينڊنٽ طارق محمود ۽ اينٽي اسمگلنگ جو سپرنٽينڊنٽ (آپريشن) ياور عباس جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اسلام آباد وڃي رهيا هئا، جن کي ايف آءِ اي جي ٽيم گرفتار ڊيپارچر لائونچ مان گرفتار ڪري 54 لک 37 هزار 200 رپيا، 2406 آمريڪي ڊالر، 6100 اماراتي درهم، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ سروس ڪارڊ هٿ ڪيا
گرفتار آفيسرن ٻڌايو ته اهي 2 ڏينهن لاءِ اسلام آباد جي ذاتي دوري تي وڃي رهيا هئا، سرڪاري گاڏي ۾ ايئرپورٽ پهتا، گاڏي به پارڪنگ ۾ بيٺل هئي
ايف آءِ آر جي متن موجب پڇاڳاڇا ڪرڻ تي جوابدار ايف آءِ اي ٽيم کي مطمئن نه ڪري سگھيا، بعد ۾ هنن رضاڪاراڻي طور اعتراف ڪيو ته هنن اهي پئسا موچڪو چيڪ پوسٽ تان گڏ ڪيا. جيڪي لاڳاپيل ڪليڪٽر، ايڊيشنل ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪليڪٽر، سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻين ۾ ورهائڻا هئا
ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدارن ٻڌايو ته موچڪو، مواڇ ڳوٺ، سهراب ڳوٺ ۽ گھگھر ڦاٽڪ چيڪ پوسٽن جي منٿلي 4 کان 5 ڪروڙ آهي، رڳوسوپارين جي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري جي منٿلي 6 ڪروڙ آهي. ٻنهي گرفتار آفيسرن کي ايف آءِ اي جي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جتي کانئن وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي وئي
جوابدارن اعتراف ڪيو ته اهي بلوچستان مان ڪراچي ايندڙ اسمگلنگ واري سامان سان ڀريل گاڏين جي سهولتڪاري ڪن ٿا، جوابدارن اعتراف ڪيو ته اڳوڻي ڊائريڪٽر عثمان باجوه مارچ کان اپريل تائين 16 ڪروڙ رپيا روڪ رقم ۽ سون جي صورت ۾ ورتا
جوابدار ڪسٽم جي ٻين آفيسرن جا نالا به ٻڌائيندي چيو ته 2020ع ۾ تڏهوڪي ڊائريڪٽر ثاقف سعيد،اينٽي اسمگلنگ آرگنائزيشن اسمگلنگ نيٽ ورڪ شروع ڪري پنهنجا ڀروسي وارا ماڻهو مقرر ڪيا، جيڪي مختلف اسمگلرن کان پئسا وصول ڪندا هئا
هن چيو ته ثاقف سعيد کانپوءِ آيل ڊائريڪٽر عثمان باجوه پڻ اسمگلرن جي سرپرستي ۽ سهولتڪاري جاري رکي، هو 10 ڪروڙ منٿلي وٺندو هو، فيبروري 2023ع ۾ عامر ٿهيم کي ڊائريڪٽر جي چارج ملي، هن به اسمگلرن جي سرپرستي ڪئي
طارق محمود اعتراف ڪيو ته عمران نوراني وري سوپارين (ڇاليا جي) اسمگلنگ جو نيٽ ورڪ هلائيندو آهي، بلوچستان کان سوپاريون ڪراچي اسمگل ٿينديون آهن، عمران نوراني شير شاهه انڊسٽريل ايريا ۾ سني پاڊڪٽس جي نالي سان سوپارين جي فيڪٽري پڻ آهي
هوڏانهن اسمگلنگ جي سرپرستي ۾ ملوث 5 ڪسٽم آفيسرن ۽ هڪ سوپاري ڊيلر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو
ڪسٽم ايڪٽ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين قلمن تحت داخل ايف آءِ آر ۾ طارق محمود، ياور عباس، ڪليڪٽر ڪسٽم ۽ موجوده ڊائريڪٽر افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ثاقف سعيد، ڪليڪٽر ايڪسپورٽ عثمان باجوه، ڪليڪٽر انفورسمينٽ عامر ٿهيم ۽ سوپاري ڊيلر عمران نوراني کي نامزد ڪيو ويو
هوڏانهن وفاقي حڪومت اسمگلرن جي سرپرستي ۾ ملوث 2 گرفتار آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو