ڪسٽم وارا پئسا وٺي پاڻ گاڏيون اسمگل ڪرائين ٿا ۽ پوءِ پاڻ ئي پڪڙائين ٿا: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

ڊسمبر 11, 2023

ڪسٽم وارا پئسا وٺي پاڻ گاڏيون اسمگل ڪرائين ٿا ۽ پوءِ پاڻ ئي پڪڙائين ٿا، پشاور بارڊر کان 4 سئو ڪلوميٽر اندر آيل هڪ گاڏي پڪڙي وئي، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ خلاف ڪارروائي ڇو نه شروع ڪئي وڃي؟: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، سپريم ڪورٽ ۾ ڪي پي ڪسٽم اختيارين پاران اسمگلنگ ٽرڪ پڪڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ٽرڪ 1996 ۾ ٺهي ۽ 2016 ۾ پڪڙي وئي، 22 سالن تائين اها ٽرڪ ڪٿي هلندي رهي؟ اسمگلنگ ڪٿان کان ٿئي ٿي، ٽرڪ ماچيس جي دٻي نه آهي، اها ڪهڙي رستي کان آئي ڪسٽم وارن کي خبر ئي نه آهي، پشاور ۾ وڃي ڏسو ته گاڏيون ڪيئن اسمگل ٿين ٿيون، عدالت ڪسٽم کاتي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

Leave A Comment