تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڪشا رام راجپال سماجي خدمت جو ھڪ نمايان ڪردار … شوڪت علي

شڪارپور جي علمي ۽ تعليمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جيئن ھتان جي استادن ڄاتو، تيئن ساڻن ڪير ٿو ھمعصري ڪري سگھي. ھر دور ۽ ڏينھن روشن ۽ درخشان ھر نسل ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ اھو سڀ ڪجهه مھان ۽ ترقي يافتا تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو. انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال به ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو. سندس جنم ڀگت امر شھيد ڪنور رام صاحب جن جي آسيس سان مورو مل ڀاڳو مل جي گھر سندس چوٿين گھر واري مان 5 نومبر 1923ع تي ميان جي ڳوٺ ڀرسان چنا ڳوٺ تعلقو ٺل ضعلو جيڪب آباد ۾ ٿيو.
سندس شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ سلطان ڪوٽ جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، ميٽرڪ جي تعليم ھوپ فل اڪيڊمي مان حاصل ڪئي. ھن شڪارپور جي مشھور چيلا سنگهه سيتل داس ڪاليج مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۽ بمبئي يونيورسٽي پڻ ويو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن ڪجھه وقت دي سينٽرل بينڪ آف انڊيا ۾ ڪلارڪ جي ملازمت پڻ ڪئي. 1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جيڪب آباد ۾ ڪلارڪ بڻيو. ٿوري عرصي بعد 1949ع ۾ تعليم کاتي ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي نوڪري تي نيو ايرا اسڪول ۽ ھاڻوڪو قاضي حبيب الله ھاءِ اسڪول ۾ علم رياضي جي استاد طور فرض انجام ڏيڻ شروع ڪيا. سندن شاگردن مان ڄاڻ ملي ٿي ته سائين ڪشا رام تمام سادگي واري زندگي گذاريندا ھو ۽ ٻارن کي پڙھائڻ ۽ علم ڏيڻ کي پنھنجي عبادت سمجھندو ھو. سندس شادي 1944ع ۾ ٿي ۽ پوءِ سڪپل جي ڀرسان خانچند حويلي ۾ سندس جاءِ ڪرائي تي وٺي رھائش اختيار ڪئي. سندن گھر واري مان اولاد 9 پٽ ۽ 2 ڌيئر شامل آهن جن ۾ ريوا چند راجپال، نانڪ رام راجپال، اوم پرڪاش راجپال، کيئل داس راجپال، انيل ڪمار راجپال، چني لعل راجپال، اجيت ڪمار راجپال، خوب چند راجپال، ڀيم سين راجپال ۽ نياڻيون شڪنتلان ٻائي ۽ راڻي ٻائي شامل آهن ۽ سندن پاڙي جي ٻارن ۽ ڀر پاسي جي نوجوانن کي ٽيوشن ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. جنھن مان ھزارين شاگرد اڄ به ملڪ ھند سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نمايان پوسٽن تي خدمتون انجام ڏئي رھيا آھن.
ھنن سڪپل جي ڀرسان ھڪ سنگهه سڀا به قائم ڪئي جنھن ۾ ھندو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ گرمکي ۽ ھندي تعليم لاءِ پاٺ شالا پڻ قائم ڪئي جنھن مان به سندن سوين شاگرد پيدا ڪيا. ھنن پنھنجا ڪتاب به لکيا جن مان “ڪريم آف ڪيمسٽري، ڪريم آف فزڪس، شور سڪسيس ان الجبرا، شور سڪسيس ان جاميٽري، ارٿ ميٽيڪ made ايزي” ۽ ٻيا ڪتاب پڻ لکيا جن مان ھزارين نوجوانن تعليم پرائي. اھڙو ناميار انسان ھڪ بھترين شخصيت اسان کان 7 آڪٽومبر 1982ع تي وڇڙي ويو. ھو پنھنجي آخري ساهه جي گھڙين تائين ھاءِ اسڪول نمبر 2 شڪارپور ۾ ھيڊماستر جا فرض انجام ڏيندي ھن سنسار من پرلوڪ پڌاريو. سندس انتم سنسڪار ۾ سائين ڀڄن لعل صاحب پوج رھڙڪي صاحب ۽ سماڌا آشرم جا گادي نشين سائين سوامي شو ڀڄن صاحب جيڪي پڻ شاگرد ھئا ۽ ھزارين شاگرد ۽ دوست شريڪ ٿيا. ھو پنھنجي شاگردن جي دلين ۾ سدا حيات آھن ۽ پنھنجي تحريرن ۽ ڪتابن جي ذريعي اسان جي دلين ۾ موجود آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *