ڪشمورمان نينگر اغوا، انگ 2 ٿي ويو
جُون 29, 2025
ڪشمور (پنهنجي ڊيسڪ) ڪشمور جي ڳوٺ قاضي ڪلوڙ مان 14 ورھين جو نينگر وارث ڪلوڙ گذريل رات ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو آهي ھٿياربندن ڳوٺ تي ڪاهه ڪري نينگر وارث ڪلوڙ کي اغوا ڪري ڪچي طرف آساني سان فرار ٿي ويا آهن.
ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي اغوا جا اطلاع آهن، جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي بدامني ۾ ٺاپر نه اچي سگهي آهي، ھڪ ڏينھن اڳ ٻه مھينا ڌاڙيلن وٽ مغوي نينگر صحبت نائچ جي بازيابي بعد ھڪ ٻيو نينگر اغوا ٿي ويو آهي.
ان کان اڳ معذور نينگر احد ڇڄڻ کي به ڌاڙيلن وٽ ٻه مھينا گذري وڃڻ باوجود ڪشمور پوليس مغوي نينگر کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوي نينگرن جو انگ وڌي 2ٿي ويو آهي