ڪشمور:نينگر وارث ڪلوڙ جي بازيابي لاءِ ڌرڻو
جُولاءِ 1, 2025
ڪشمور ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪشمور مغوي وارث ڪلوڙ جي بازيابي لاءِ امڙ ۽ وارث عورتن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڌرڻو انڊس هاءِ وي روڊ ڌرڻو ،ڪشمور جي ڳوٺ قاضي ڪلوڙ مان ٽي ڏينهن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل نينگر وارث ڪلوڙ جي آزادي لاءِ وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بند هجڻ ڪري ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪچي جا ڏوهاري ڪشمور پوليس وٽ گرفتار ٿيل ساٿين جي آزادي عيوض مغوي نينگر وارث ڪلوڙ جي آزادي جي گهر ڪري رهيا آهن، وارثن جو چوڻ هو ته ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او عباس سندراڻي اسان کي ڌمڪيون ڏئي ڌاڙيلن جو سھولتڪار ھئڻ جا الزام لڳائي رهيو آهي،ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ مختيار قاضي ڪلوڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جو مغوي نينگر آزاد ڪرائي ڏنو وڃي، ڏوھارين سان ڪنھن قسم جو ڪو تعلق ناهي، مظاهري دوران پوليس ڌرڻو هڻندڙ وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن جي مهلت طلب ڪري ورتي، وارثن پاران پوليس جي درخواست کي رد ڪري ڇڏي نينگر جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.