ڪشمور ( رپورٽر) ڪشمور پوليس پاران مقابلي دوران نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته عبدالغفار جي مائٽن طرفان پاڪ ڪتاب گهمائڻ بعد ڌاڙيلن هن کي ڇڏي ڏنو آهي
ڳوٺ دين محمد نائچ مان 15 ڏينهن اڳ هٿياربند پورھيت عبدالغفار عرف ڪامريڊ چاچڙ کي اغوا ڪري ويا هئا جنهن کي پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي جي طارق دم دما واري علائقي ۾ مغوي موجود هجڻ جي اطلاع تي پھتاسين ته ڏوهارين سان مقابلو ٿيو فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڏوهاري غفار کي ڇڏي فرار ٿي ويا
هوڏانهن علائقي چوٻول آهن ته نوجوان جي مائٽن پاڪ ڪتاب گهمائي ڌاڙيلن کي آزاد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي جنهن بعد عبدالغفار کي ڇڏيو ويو آهي