ڪشمور جي واپاري پاران ڪراچي واسي 5 واپارين تي ڪروڙين رپين جي فراڊ جو ڪيس داخل

مارچ 28, 2024

ڪشمو(رپورٽر) ڪشمور جي واپاريءَ ڪراچي واسي 5 واپارين تي ڪروڙين رپين جي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي

واپاري وڪاش ڪمار ڪشمور  ٿاڻي تي واپاري شام لعل، ڌرمينڌر، اجيت ڪمار، انيل ڪمار ۽ بروڪر مجيد ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي

وڪاش ڪمار موقف اختيار ڪيو آهي ته بروڪر عبدالمجيد ملڪ معرفت ڌرمينڌر سميت ڪراچي جي چئن  واپارين کي چانور ۽ سارين جي ڪٽِي ڏني هئي

سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل واپاري 2 ڪروڙ 83 لک رپيا نه پيا ڏين ، فراڊ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رقم ڏياري وڃي

ٻئي طرف ڪراچي جي واپاري ڌرمينڌر ڪشمور پوليس تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته فريادي سان ڪو به تعلق ناهي، نه ئي ان سان ڏيتي ليتي ڪئي آهي

هن چيو ته جيڪڏهن ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندس ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور چيو آهي ته فراڊ جو معاملو آهي، ڊي ايس پي کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي

Leave A Comment