ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ڪچي ۾ آپريشن جون تياريون تيزي سان جاري آهن، پوليس ۽ رينجرز پاران جائزو ورتو ويو
ڪشمور جي ايس پي ۽ رينجرز ڪرنل ڪچي جو دورو ڪيو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحل کوسو ۽ ڪرنل رينجرز ڪچي واري علائقي جو دورو ڪري آپريشن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو
مختلف ھنڌن تي قائم پڪٽس جي ڊپلائيمنٽ چيڪ ڪئي، فورسز پاران ڪچي جي علائقي جو ڊرون ڪيمرا ذريعي جائزو ورتو ويو
ايس ايس پي ۽ ڪرنل سنڌو درياهه جي بندن دراني مهر، گهوڙا گھاٽ، گبلو، مياڻي، حاجي خان شر ۽ گيهلپور جو پڻ معائنو ڪيو