ڪنڌڪوٽ/تنگواڻي(نمائندن وٽان) ڪشمور جي دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن دوران پوليس هفتو اڳ اغوا ٿيل پيءُ ۽ پٽ کي بازياب ڪرائي ورتو آهي
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته دراني مهر جي ڪچي ۾ جاري آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪارروائي دوران هفتو اڳ دبئي هوٽل وٽان اغوا ٿيل ڳوٺ ممتاز بهلڪاڻي جي رهواسي ساجن بهلڪاڻي ۽ سندس پٽ رياض بهلڪاڻي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي
پوليس موجب دراني مهر جي ڪچي ۾ اي پي سي چين بڪتر بند گاڏين ۾ 200 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي ٽيم ڏوهارين خلاف آپريشن ڪندي مغوي بازياب ڪرايا آهن
هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي ٻين مغوين کي به جلد بازياب ڪرائينداسين،جڏهن ته ضلعي مان 27 مغوي اڃان تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن،
ٻئي طرف ساجن بهلڪاڻي ۽ سندس پٽ رياض بهلڪاڻي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن سان ٿيڻ جا چوٻول آهن،آخري اطلاعن تائين مغوين جي بازيابي ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
بازياب ٿيل ساجن بهلڪاڻي ۽ رياض جي گهر پهچڻ تي گهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي