ڪشمور جي ڪچي ۾ جاري آپريشن ۾ وڏي اڳڀرائي: ٽرڪ ڊرائيورن سميت 9 ڄڻا بازياب

جنوري 15, 2024

ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور جي ملڪ لاڙي واري علائقي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل مسافرن سميت 9 ٽرڪ ڊرائيور بازياب، ڪشمور پوليس طرفان گيھلپور ڪچي ۾ گذريل 7 ڏينهن کان ڏوھارين خلاف ھلندڙ پوليس آپريشن دوران ڏوهارين جو گھيرو تنگ ڪيو ويو هو ڪشمور ضلعي جي پوليس پاران ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ مسمار ڪري ڇڏيا هئا پوليس ۽ رينجرس جي گڏيل آپريشن دوران مغوي ٽرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائي ورتو، ايس ايس بشير بروهي جو چوڻ هو ته ڪشمور پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرڪ ڊرائيورن کي ڏوهاري اغوا ڪري ويا هئا جنهن بعد پوليس ۽رينجرس جو گيھلپور ڪچي ۾ گڏيل آپريشن شروع ڪيو ويو هو بازياب ٿيل ٽرڪ ڊرائيورن ۾ لياقت گھنيو خرم شھزاد، شاھد ميراڻي، ﷲ وسايو، صھيب ،اڪرام الله، عرفان علي لياقت چنا سميت 9 ڄڻا بازياب ٿي ويا آهن

Leave A Comment