سياسي وانگارو ناهيون،تيغو هجي يا ڪو ٻيو، با اثرن کي نه ڇڏيندس:عرفان سمون

جُولاءِ 14, 2023

ڪشمور (رپورٽ: محمد شريف ڄامڙو) ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون چيو آهي ته ڪشمور سنڌ جو قبائلي علائقو آهي، پوليس سياسي وانگارو ناهي، تيغو هجي يا ڪو ٻيو با اثر، امن ۾ رنڊڪ بڻجندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي

ايس ايس پي عرفان علي سمون ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر کي گذريل ڏينهن بازياب ڪرائڻ کانپوءِ ڪشمور ٿاڻي تي پھتو

ايس ايس پي امن امان جي خراب صورتحال جي حوالي سان ڪشمور شهر ۾ ڊيوٽي ڪندڙ اھلڪارن سان گڏ شھر جو پيادل گشت  ڪيو

ايس ايس پي ڪشمور مسلم بازار، شاهي بازار ۽ ڪپڙي جي مارڪيٽ پيادل گھمندي ھر دڪاندارن وٽ پاڻ چڙهي وڃي ڳالھه ٻولھه ڪري شهرين جا مسئلا ٻڌا

ايس پي عرفان سمون ڪشمور ٿاڻي جي پوليس کي مسئلا حل ڪرڻ، شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ گشت وڌائڻ جا حڪم به جاري ڪيا

ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس جي تاريخ شهادتن سان ڀريل آهي، ڪشمور سنڌ جو قبائلي علائقو آهي جتي ٽن صوبن جي سرحد جڙيل آهي

هن چيو ته اغوا ڦر سميت اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيان، ميڊيا جي سھڪار ۽ نشاندهي سان ڏوهن تي ضابطو آڻينداسين، آخري دم تائين ڏوهارين سان مقابلو ڪري شڪست ڏينداسين

گذريل ڏينهن سردار تيغو تيغاڻي مٿان ٿيل ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ بابت سوال تي ايس ايس پي عرفان سمون چيو ته امن امان ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ھر بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي، بنا ڪنهن فرق جي پوليس ڪم ڪري رهي آهي، اھو تاثر غلط آهي ته پوليس سياسي وانگار وھي رهي آهي

Leave A Comment