بڊاڻي (رپورٽر) ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ بڊاڻي ۾ 33ڪلوميٽر پيادل ريلي ڪڍي وئي، بڊاڻي کان 33ڪلوميٽر پيادل ريلي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب پهچندي جتي ڌرڻو هنيو ويو
ريلي ۾ سياسي سماجي مذهبي قومپرست ڌريون، مغوين جي وارثن، شهري ۽ هندو برادري جا ماڻهو شامل آهن
اڳواڻن چيو ته پوليس ضلعي ۾ امن بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪيترائي مغوي ڌاڙيل وٽ باندي بڻيل آهن
هنن چيو ته ضلعي ۾ بدامني ختم ڪئي وڃي، ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو وڃي، ضلعي جي سمورن مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي
ريلي شهر جي مک بازار کان ٿيندي مرتضيٰ ڪانٽي وٽ پهتي جتي ايس يو پي ضلعي صدر دلمراد ڏاهاڻي، سيد دانش شاهه، مظهر حسين چاچڙ، استاد مولچند، مغوين جي وارثن سميت سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بڊاڻي جي ٽن هندو برادري هي مغوين سميت پنج مغوين ۽ ضلعي ڪشمور مان اغوا ٿيل معصوم ٻارن سميت سڀني مغوين جي بازيابي ۽ امن امان جي بحالي لاءِ ريلي ڪڍي آهي