ڪشمور مان اغوا ٿيل صحبت نائچ بازياب، راڄوڻي جا چئوٻول

جُون 28, 2025

ڪشمور (پنهنجي ڊيسڪ) ڪشمور مان 2 مھينا اڳ اغوا ٿيل مغوي نينگر صحبت نائچ بازياب ٿي گھر پھچي ويو آهي،  ايس ايس پي زبير نظير شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته نينگر صحبت نائچ کي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي دوران پوليس گيھلپور ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرايو آهي. جڏهن ته علائقي ۾ چئوٻول آهن ته مغوي جي وارثن لکين رپيا ڀنگ جي رقم ادا ڪري چڱن مڙسن جي راڄوڻي ڪوششن ذريعي نينگر کي بازياب ڪرايو آهي.

ياد رهي ته 2 مھينا اڳ نينگر صحبت نائچ کي ڳوٺ دين محمد نائچ مان ويھه کان وڌيڪ اوطاق تان سندس والد قادر بخش نائچ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي اغوا ڪري ويا ھئا. جنهن بعد نينگر تي تشدد واري وڊيو وائرل ڪندي وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وئي هئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ