ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ٿاڻي جي پوليس اغوا ٿي ويل مغوي ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مکي جگديش ،نينگرن جئديپ ،آديش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي
ڌاڙيلن مغوي ساگر ڪمار جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ مٿس تشدد ڪري رهيا آهن ۽ وارثن کان 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ گهري وئي آهي
ڪشمور جي موبائيل مارڪيٽ مان ايڪويهه ڏينهن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل ھندو نوجوان ساگر ڪمار وڊيو ۾ پنهنجي وارثن کي ڀنگ جي رقم 10 ڪروڙ رپيا ڀرڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي
ڪشمور جي نوجوان ساگر ڪمار مٿان تشدد واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي والد ۽ والده سميت گھر ڀاتي صدمي ۾ ورتل آهن