ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور واسي مغوي ساگر ڪمار تي ڌاڙيلن تشدد جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته مغوي جي بازيابي لاءِ 10 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، هندو پنچائت احتجاجي ريلي ڪڍي
شهر جي موبائيل مارڪيٽ مان 21 ڏينهن اڳ ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل ھندو نوجوان ساگر ڪمار کي ڌاڙيلن سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن تشدد جي وڊيو وائرل ڪندي مغوي جي وارثن کان 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي
وائرل ٿيل وڊيو ۾ مغوي ساگر ڪمار پنهنجي والد ۽ ڀائرن کي ڌاڙيلن جو مطالبو ڪيل ڀنگ جي رقم ڀرڻ جا ايلاز ڪري رهيو آهي
ٻئي پاسي ڪشمور ۾ ھندو پنچائت طرفان پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ مغوي بازياب نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو
ان موقعي تي پريتم راماڻي، پرڪاش ڪمار، ڊاڪٽر سڀاش ڪمار ۽ ٻين چيو ته ڪشمور پوليس مغوي ساگر ڪمار سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي
سندن چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مکي جگديش ڪمار، نينگر جئديپ، آديش ڪمار ھن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، جن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس ڪجهه ناهي ڪيو
هنن چيو ته ڌاڙيل وڊيو ۾ مغوي ساگر ڪمار مٿان لٺين جو وسڪارو ڪري رهيا آهن اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ سان وارثن کي ڪيتري تڪليف ٿيندي هوندي ان جو شايد پوليس کي اندازو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته ساگر ڪمار سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي